سيال محمد خان

سيال محمد خان

محمد خان سيال

محمد خان سيال : سينئر صحافي، ڪالم نگار، ڪهاڻيڪار ۽ سفرنامن جو ليکڪ، محمد خان سيال ولد محمد بخش سيال، پهرين اپريل 1949ع ۾ ڳوٺ سيد حاجي ابراهيم شاهه ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول ۾ حاصل ڪئي ۽ ان بعد نوابشاهه شهر ۾ ايڇ. ايم. خوجا صاحب جي رهنمائيءَ ۾ ڊي. سي هاءِ اسڪول، نوابشاهه مان 1965ع ۾ مئٽرڪ سائنس ڪيائين. ان دوران سنڌي فائنل جو امتحان، اليمنٽري ۽ انٽر گريڊ ڊرائينگ جا امتحان به ڏنائين. 1967ع ۾ فرسٽ ايئر ۽ انٽرميڊئٽ آرٽس گڏيل امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين ۽ کيس ٻن ورهين لاءِ اسڪالرشپ به ملي. بي اي سچل سرمست آرٽس ڪاليج مان ڪيائين. اڳتي هلي ايل. ايل. بي، ايم. اي (سنڌي)، ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس) ۽ ايم. اي (انٽرنيشنل رليشنس) جا امتحان ڏنائين. نومبر 1968ع ۾ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو باني ڪارڪن بڻيو، ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. مارچ 1970ع ۾ ريڊيو پاڪستان، ڪراچيءَ ۾ نيوز ٽرانسليٽر مقرر ٿيو. مئي 1972ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي (شهيد) ڪراچيءَ مان روزاني هلال پاڪستان جاري ڪئي ته ان ۾ سب ايڊيٽر طور ذميواريون نڀايائين، انهيءَ دوران پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ جي سنڌي نيوز ۾ ٽرانسليٽر طور به ڪم ڪيائين. هڪ ئي وقت ۾ ٻه ٽي نوڪريون ڪندو رهيو. 1977ع ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز (P.I.A) ۾ پبلڪ رليشن آفيسر ٿيو. 1995ع ۾ مارڪيٽنگ ڊپارٽمينٽ ۾ بدلي ٿيو، ان بعد ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ پيسينجر سيلز مئنيجر ۽ ڊسٽرڪٽ مئنيجر بهاولپور ٿيو، جنهن بعد 2005ع ۾ ڪنٽري مئنيجر افغانستان طور ڪابل ۾ انتهائي ڏُکين حالتن ۾ ڪم ڪيائين. پهرين جنوري 2007ع تي هڪ پيڪيج هيٺ پي. آءِ. اي مان ريٽائر ٿيو. محمد خان سيال لکڻ جي شروعات هاءِ اسڪول جي تعليم دوران روزاني ’مهراڻ‘ ڪراچيءَ جي ٻارن جي صفحي ۾ لکڻ سان ڪئي. 1967ع ۾ مختلف اخبارن جو نوابشاهه لاءِ نمائندو رهيو ۽ سندس ڪالم، مضمون، تبصرا وغيره ڇپبا رهيا. سندس پهرين ڪهاڻي ’بيوقوف‘ نواءِ انقلاب سکر ۾ 1968ع ۾ ڇپي. ڪاليج مخرن ’سرمست‘ جي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر به رهيو. محمد خان سيال جو صحافت ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. روزاني هلال پاڪستان ۾ سراج الحق ميمڻ جي سربراهيءَ ۾ جن صحافين اردو اثر کان پاڪ سنڌيءَ کي فروغ ڏنو، تن ۾ محمد خان سيال به هو. هن سنڌ جي قومي مسئلن تي مختلف انگريزي اخبارن ۾ هزار کان مٿي خط ۽ ليک لکيا آهن. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين جي سماجي زندگي ثقافتي سرگرمين بابت سنڌي ميڊيا ۾ ڪيترا مضمون لکيائين. اٺن سنڌي اخبارن ۾ هڪ ئي وقت نوجوانن بابت چئن سالن تائين مُفت ’روزگار سروس‘ ۽ ’تعليمي سروس ذريعي‘ معلومات فراهم ڪندو رهيو. هن انگريزيءَ ۾ آن لائين نيوز ويڪلي ’سنڌ ٽُو ڊيَ‘ 2001ع ۾ جاري ڪئي جنهن تي جنرل مشرف جي دور ۾، 2006ع ۾ بندش پئي. هن دنيا جا ڪيترائي ملڪ جهڙوڪ: آمريڪا، ڪيناڊا، برطانيا، نيڌرلينڊ، فرانس، جرمني، سئٽزلينڊ، هندستان، بنگلاديش، سنگاپور، انڊونيشيا، ٿائلينڊ، فلپائين، جپان، هانگ ڪانگ، ڪينيا، سعودي عرب، دبئي، ابوظهبي، مصر، سري لنڪا وغيره گهميا آهن ۽ ڪيترين عالمي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي آهي، جن ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس، سانا ۽ مارئي سنسٿا دهلي شامل آهن. هن ڪيترن اهم سنڌي شخصيتن پروفيسر رام پنجواڻي، ماسٽر چندر، مهيش چندر، رام بخشاڻي، ڊاڪٽر اي ڪيو بروهي ۽ ڀڳونتي ناواڻيءَ جا يادگار انٽرويو به ڪيا آهن. محمد خان سيال جي ڇپيل ڪتابن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو: (1) چڻنگ (ترتيب)، (2) سرحد جي هُن پار (هندوستاني اديبن جون ڪهاڻيون، (ترتيب: 1973ع)، نئون ابن بطوطا (سفرنامو: 1980ع)، نيري آسمان هيٺان (سفرنامو: 1981ع)، ارائونڊ دي ورلڊ (سفرنامو: 1998ع) آمريڪا: نئين دنيا، نئون ديس (سفرنامو: 2000ع) آهي. سندس اڻڇپيل ڪتابن ۾ آتم ڪٿا، ساروڻيون، ڪالمن جا ڪتاب ’ڪالهه، اڄ ۽ سڀاڻي‘، ۽ ’ڪونجون ٿيون ڪڻڪن‘ شامل آهن. محمد خان سيال کي چئن پُٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد آهي، هِن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي ۽ صحافتي دنيا سان وابسته آهي.


لفظ محمد خان سيالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.04.01  عيسوي

سينئر صحافي، ڪالم نگار، ڪهاڻيڪار ۽ سفرنامن جو ليکڪ، محمد خان سيال ولد محمد بخش سيال، پهرين اپريل 1949ع ۾ ڳوٺ سيد حاجي ابراهيم شاهه ۾ پيدا ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

لياقت جوڻيجو
حڪيم محمد يعقوب قاضي
شعبان بخت
شاهنواز فقير نظاماڻي
حداد محمد علي
لڇمڻ ڀنڀاڻي
ڄيٺواڻي هريڪانت
قابل ڏاهري
حجاب امتياز علي
رسول ميمڻ
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون